بيسر نامو

بيسر نامو (ڪتاب ): عام زبان ۾ ’بينسر نامو‘ سڏبو آهي. صوفي شاهه عنايت شهيد جي فارسي شعرن جو مجموعو آهي، جيڪو متبرڪ مخطوطي جي صورت ۾ درگاهه تي موجود آهي. صوفي شاهه عنايت شهيد جي سنڌي ڪلام جو پتو نه پيو آهي، البت فارسيءَ ۾ سندس بيت موجود آهن. اهي بيت ڏوهيڙن جي نموني تي آهن ۽ سمورو ڪلام صوفياڻي متن تي مشتمل آهي. هيءُ قلمي نسخو، جهوڪ شريف ۾ صوفي شهيد جي گادي نشين وٽ محفوظ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو